ممبئي: شاهه رخ خان ۽ دپيڪا پڊوڪون فلم ”پٺاڻ“ جي ايڪشن منظرن جي شوٽنگ لاءِ جاپاني مارشل آرٽ ’جو-جيٽسو‘ جي سکيا ورتي.
ان ڳالهه جو انڪشاف ”پٽاڻ“ جي ڊائريڪٽر سدھارٿ آنند ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ تازي انٽرويو ۾ ڪيو آهي.
هن انڪشاف ڪيو ته فلم جي ڪاسٽ کي فلم ۾ ايڪشن سينز جي شوٽنگ لاءِ ڀرپور تربيت ڏني وئي هئي.
سدھارٿ آنند موجب فلم کي تيار ٿيڻ ۾ ٻه سال لڳا ۽ ان جي شوٽنگ دنيا جي مختلف حصن ۾ ڪئي وئي.
هن اهو به انڪشاف ڪيو ته شاهه رخ خان کي ”پٺاڻ“ جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ٽن مهينن تائين پنهنجا وار وڌائڻا هئا.