95

حيدرآباد: سٽي گيٽ وٽ سنڌ يونيورسٽي جي پوائنٽ بس تي فائرنگ، ڊرائيور مارجي ويو

حيدرآباد/ڄامشورو: حيدرآباد ۾ سٽي گيٽ وٽ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي پوائنٽ بس تي اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ پوائنٽ بس جو ڊرائيور غلام علي ڳن گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو.
يونيورسٽي جي ملازمن طرفان ڊرائيور غلام علي ڳن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. فائرنگ کان پوءِ مارجي ويل ڊرائيور غلام علي ڳن جو لاش سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جتي وڏي انگ ۾ يونيورسٽي جا ملازم پهچي ويا اسپتال ۾ ڊاڪٽر موجود نه هجڻ سبب يونيورسٽي جي ملازمن اسپتال جي عملي ۾ ڏند چڪ پڻ ٿي. ملازمن فوري طور تي حملي آور جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن جوابدارن کي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هڻي جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ڌرڻي واري هنڌ اي ايس پي علينا راڄپر توڙي ايس ايڇ او مارڪيٽ پڻ پهچي ويا جن ملازمن سان ڳالهيون ڪري ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.
ٻڌايو پيو وڃي ته بس ڊائيور پوائنٽ بس کان هيٺ لهي بيٺو ته اڻڄاتل هٿيار بندن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري فرار ٿي ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں