76

ضمني مالياتي بل پارليامينٽ ۾ پيش، لگزري شين تي سيلز ٽيڪس وڌائي 25 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد: (اربع: 15 فيبروري 2023ع) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ضمني مالياتي بل 2023 پارليامينٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو.
راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس مقرر وقت کان تقريبن هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، جنهن ۾ اسحاق ڊار ضمني مالياتي بل 2023 پيش ڪيو.

هن بل پيش ڪرڻ دوران عوام کي سادگي اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏيندي چيو ته لگزري شين تي جنرل سيلز ٽيڪس جي شرح وڌائي 17 کان 25 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، شادي هالن جي تقريبن جي بلن تي 10 سيڪڙو ٽيڪس، جڏهن ته سگريٽ ۽ شربتن تي فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي جي شرح ۾ واڌ جي به تجويز آهي.

سندس چوڻ هو حڪومت کي مهانگائي جو احساس آهي، تنهن ڪري اسان ڪوشش ڪئي آهي ته غريب عوام تي گهٽ بار پئي، اهو ئي سبب آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وظيفي ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي، پروگرام جي رقم ۾ 40 ارب رپين جي واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪا 400 ارب رپيا ٿي ويندي.

اسحاق ڊار چيو ته اوڳاڙين جي 170 اربن جي موجوده ۽ گذريل ٽارگيٽ کي پورو ڪيو ويندو، جڏهن ته 5 سال پراڻن ٽريڪٽرن جي درآمد جي اجازت ڏني وئي آهي، هارين لاءِ 2000 ارب رپين جو پيڪيج ڏئي چڪا آهيون، جن مان 1000 ارب رپيا ورهائجي چڪا آهن، هارين کي زرعي سامان تي سستا قرض ڏنا ويندا ۽ ڀاڻ تي 30 ارب رپيا ڏنا پيا وڃن، جڏهن ته يوٿ لون لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن، 75 هزار سولر ٽيوب ويل لڳائڻ جو هدف رکيو ويو آهي.

ناڻي واري وزير چيو ته دوائن، پيٽروليم، اسپورٽس جي ايل سيز کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، شروعاتي طور تي معاشي ترقي جي رفتار سست هوندي پر پوءِ اها شرح 4 سيڪڙو تائين ويندي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ناقص پاليسين سبب ملڪ کي نقصان پهتو، ن ليگ جي گذريل دور ۾ معيشت ترقي ڪري رهي هئي، ن ليگ جي دور ۾ جي ڊي پي ۾ 112 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي، ن ليگ حڪومت قرضن ۾ گهٽ کان گهٽ واڌ جي ڪوشش ڪندي آهي، اسان جي دور ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري ۾ واڌ ٿي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ ملڪي تاريخ جا رڪارڊ قرض ورتا ويا، پي ٽي آءِ جي دور ۾ عام ماڻهو جي آمدني گهٽي.
ن ليگ سينيٽر چيو ته بجلي شعبي ۾ سڌارا اسان لاءِ وڏي حيثيت رکن ٿا، عالمي مالياتي ادارن بجلي جي شعبي ۾ سڌارن جو چيو آهي، اسان عمران حڪومت جي آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدن کي نڀايو، اسان ان جي وڏي سياسي قيمت ادا ڪري رهيا آهيون، سمجهون ٿا ته سياست نه رياست اهم آهي.
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف جلد ضمني مالياتي بل تي قوم کي اعتماد ۾ وٺندو، وزيراعظم ۽ ڪابينا پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ جو پلان ڏيندي.
پوءِ اسحاق ڊار سينيٽ ۾ به ضمني مالياتي بل 2023 پيش ڪيو، ان موقعي تي اپوزيشن طرفان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو ۽ سينيٽ چيئرمين جي ڊائس جو گهيرو به ڪيو ويو.
سينيٽ ۾ اپوزيشن ميمبرن بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ حڪومت خلاف نعريبازي به ڪئي، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين بل اسٽينڊنگ ڪميٽي کي موڪليندي ايوان جي ڪارروائي 23 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں