73

شاهد خاقان، عمران خان کي فوري جيل ۾ وجهڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

لاهور: (اربع: 15 فيبروري 2023ع) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي فوري جيل ۾ وجهڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان ڪجهه ڪيو آهي ته مان ڪنهن کي جيل ۾ وجهڻ جي حق ۾ نه آهيان، اوهان کي جيڪي الزام لڳائڻا آهن لڳايو ۽ روزاني بنيادن تي ٽرائل ڪيو، ان معاملي کي مڪمل ڪري جيڪڏهن مٿس الزام ثابت ٿين ته پوءِ کيس سزا ڏني وڃي.

شاهد خاقان چيو ته عمران خان ڪيئي غلط ڪم ڪيا آهن، هو پاڻ پنهنجين غلطين جو اعتراف ڪري ٿو، هو پاڻ اعتراف ڪري ٿو ته مان فلاڻي کي ڪاٺ حوالي ڪيو فلاڻي کي پڪڙيو.
هن سوال اٿاريندي چيو ته عمران خان کي مخالفن خلاف ڪنهن ڪيس ٺاهڻ جو اختيار ڏنو؟ اصولي ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به سياستدان کي جيل ۾ وجهڻ جو اختيار اوهان وٽ نه هئڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهو اختيار انتقام بڻجي ويندي آهي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 50 ورهين دوران 73ع واري آئين تحت جوڻيجي کانسواءِ سمورا وزيراعظم جيل ويا.
ن ليگ جي پارٽي معاملن بابت هن چيو ته مريم نواز آئي هئي، مونکي اسلام آباد ۾ دعوت نه ڏني وئي هئي، اهو اسلام آباد جو ڪنونشن هو مان پنڊي ڊويزن جو آهيان، 19 فيبروري تي مريم پنڊي ڊويزن ۾ ايندي ۽ مان اتي رٿيل پروگرامن شرڪت ڪندس.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں