85

جوابدار جي پيشي ضروري آهي، حفاظتي ضمانت لاءِ عمران خان کي ايمبولينس ۾ آڻڻ جو حڪم

لاهور: (اربع: 15 فيبروري 2023ع) لاهور هاءِ ڪورٽ حفاظتي ضمانت لاءِ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي ايمبولينس ۾ آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ بنا پيشي جي ضمانت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ عمران خان جي حفاظتي ضمانت جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل چيو ته سيڪيورٽي جو مسئلو هوندو، جنهن تي جسٽس طارق سليم شيخ ريمارڪس ڏنا ته پوليس موڪلي ٿا ڇڏيون، قانون تحت حفاظتي ضمانت لاءِ جوابدار جي عدالت ۾ پيشي لازمي آهي، توهان چئو ته آءِ جي کي به سيڪيورٽي جو چئي ڇڏيون.
وڪيل چيو ته ميڊيڪل رپورٽ موجب گهمڻ ڦرڻ ڏکيو آهي، عمران خان لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو، ميڊيڪل موجب ٽن هفتن تائين گهمي ڦري نٿو سگهي، تنهن ڪري ميڊيڪل گرائونڊ تي حفاظتي ضمانت ڏئي ڇڏيو.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته حفاظتي ضمانت جو قانون ڪهڙو آهي؟ حفاظتي ضمانت ۾ جوابدار جي پيشي ضروري آهي، وڌيڪ مسئلو آهي ته ايمبولينس ۾ اچي وڃو، قانون سڀني لاءِ برابر آهي، اصولي طور اسان کي اها درخواست خارج ڪرڻ گهرجي پر رعايت ڏئي رهيا آهيون.
جسٽس طارق سليم شيخ چيو اچڻو اٿَوَ ته 8 وڳي تائين اچو، مان دير تائين ڪم ڪندو آهيان.
پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں