106

سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز کي گيس جي فراهمي جمعي کان سومر تائين بند رهندي

ڪراچي: (اربع: 15 فيبروري 2023ع) سنڌ جي سمورين سي اين جي اسٽيشنز کي جمعي کان سومر تائين گيس جي فراهمي بند رهندي.
سي اين جي اسٽيشنز کي گيس جي فراهمي معطل ڪرڻ جو مقصد گهريلو صارفين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ آهي. سوئي سدرن گيس ڪمپني جي فرنچائيز سنڌ صوبي جي سمورين سي اين جي اسٽيشنز خاص طور تي آر ايل اين جي پمپز کي جمعي 17 فيبروري صبح 9 وڳي کان سومر 20 فيبروري صبح 9 وڳي تائين 72 ڪلاڪن جي لاءِ گيس جي فراهمي بند رهندي.
سمورين جنرل انڊسٽريز ۽ ڪيپٽو پاور کي آچر 18 فيبروري صبح 8 وڳي کان ايندڙ 24 ڪلاڪن جي لاءِ گيس جي سپلاءِ به بند رهندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں