76

مريم نواز جي ميڊيا سيل کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي، اسان جي مٿان ڪيس داخل ٿي رهيا آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد: (اربع: 15 فيبروري 2023ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مريم نواز جو ميڊيا سيل عدالتن خلاف مهم هلائي رهيو آهي ان کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي، اسان مٿان ڪيس داخل ٿي رهيا آهن
لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهين دوران فواد چوڌري چيو ته اسلام آباد ۾ عدالتي حڪم جي باجود مڪاني چونڊون نه ٿيون. عدالتن جي فيصلي کي مذاق بنايو پيو وڃي جج حڪم ڏئي ته ادارن جي مرضي هوندي آهي اهي عمل ڪن جيڪڏهن انهن جي مرضي ناهي ته اهي عمل ناهن ڪندا.

فواد چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن عدالت ۾ اڄ به بطور منشي جو ڪم انجام ڏنو آهي. اليڪشن ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نٿي ڪرائي سگهي ته عدالتن جو ڪوبه فائدو نه آهي. هي عدالت جي لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهي.
اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته مريم نواز جو ميڊيا سيل عدالتن خلاف مهم هلائي رهيو آهي ان کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي پر اسا ن مٿان ڪيس داخل ٿي رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں