128

ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جي چين آمد. صدر شي جن پنگ سان ملاقات

بيجنگ: ايران جو صدر ابراهيم رئيسي مالياتي وفد سان گڏ 3 ڏينهن جي دوري تي چين پهتو، جتي هن صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي ۽ ائٽمي توانائي ۽ يوڪرين جي جنگ سميت اهم عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

چين جي سرڪاري ميڊيا موجب 20 سالن ۾ ايراني صدر جو هي پهريون ملڪ جو دورو آهي. صدر شي جن پنگ چين سان ايران جي يڪجهتي کي ساراهيو ۽ چيو ته تاريخ جي موجوده پيچيده تبديلين جي تناظر ۾ چين ۽ ايران هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي.

ايراني صدر ابراهيم رئيسي به چين سان لاڳاپن کي خوشگوار قرار ڏيندي چيو ته هو خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون ۽ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ۽ مضبوط ٿيندا.

ٽن ڏينهن واري دوري دوران ايراني وزيراعظم ابراهيم رئيسي چيني وزيراعظم، توانائي واري وزير ۽ واپار واري وزير سان به ملاقات ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ انهن شعبن ۾ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن جو امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں