ڪراچي: ڪراچي ۾ پوليس آفيس تي دهشتگرد حملي ۾ آپريشن دوران مارجي ويل 2 دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.
گذريل ڏينهن ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگرد حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ مارجي ويل 2 دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.
مارجي ويل ٻن دهشتگردن مان هڪ جي سڃاڻپ زالا نور ولد وزير حسن جي نالي سان ڪئي وئي جنهن جو تعلق اتر وزيرستان سان هو. سيڪيورٽي آپريشن دوران پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائيندڙ ٻئي دهشتگرد جو نالو ڪفايت الله ولد ميرز علي خان هو ۽ هو وانڊه امير لڪي مروت جو رهندڙ هو.
ٻئي طرف دهشتگردي جي ڪارروائي دوران ڪراچي پوليس آفيس کي سخت نقصان پهتو آهي. ڪي پي او ڪي جي ڀتين تي هر جڳهه گوليون جا نشان آهن جڏهن ته دروازا ۽ دريون به ٽٽل آهن.
هڪ خودڪش بمبار ڪراچي پوليس چيف جي آفيس سامهون لفٽ جي ڀرسان ڏاڪڻن تي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾چوٿين منزل تي واقع آفيس کي سخت نقصان پهتو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ لفٽ به ناڪاره ٿي وئي آهي.
125