80

پنجاب مان پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ۽ داعش جا 8 دهشتگرد گرفتار

لاهور: دهشتگردي جي انت واري اداري سي ٽي ڊي پنجاب جي مختلف شهرن ۾ آپريشن دوران 8 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
اختيارين موجب سي ٽي ڊي گذريل رات لاهور، سرگودها ۽ ملتان سميت ٻين پنج ضلعن ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران سندن ٺڪاڻن تي ڇاپا هنيا. سيڪيورٽي آپريشن ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ۽ داعش سان تعلق رکندڙ 8 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
اختيارين موجب 38 شڪي ماڻهن کان جاچ ۾ مليل ڄاڻ جي آڌار تي دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار دهشتگردن مان مسعود الرحمان، سبحان الله، ساجد علي، عزيز خان، شاهد اعجاز ۽ شرافت الله شامل آهن.
سيڪيورٽي آپريشن دوران آپگهاتي جيڪٽ، بارودي مواد، هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون. دهشتگردن جي خلاف 7 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. هلندڙ هفتي 483 ڪومبنگ آپريشن ڪيا ويا جنهن مان 127 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں