80

سڄي ملڪ ۾ اڄ شب معراج عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي

ڪراچي: سڄي ملڪ ۾ شب معراج اڄ رات ڇنڇر 18 فيبروري تي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. ان موقعي تي خصوصي محفلن ۾ معراج واقعي جي فضيلتن کي بيان ڪيو ويندو.
27 رجب جي رات حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم کي معراج جو شرف عطا ڪيو ويو. جڏهن حضرت جبرائيل براق وٺي آخري نبي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيو ته اي الله جا نبي اوهان جو رب اوهان سان ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو جنهن کان پوءِ حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم براق تي سوار ٿيو.

هن مقدس سفر دوران اوهان صه مڪي کان مسجد اقصيٰ ويا ۽ اتي نماز جي امامت فرمائي. جنهن کان پوءِ نبي پاڪ صه رب سان پاڪ سان ملاقات جي لاءِ روانا ٿيا. اتي رسول اڪرم صه کي جنت ۽ دوزخ به ڏيکاريا ويا. اوهان صه جي ملاقات مختلف نبين سان پڻ ڪرائي وئي. هن ئي سفر ۾ نماز به فرض ڪئي وئي.
شب معراج جي موقعي تي سموري ملڪ ۾ مسجدن کي انتهائي خوبصورتي سان سجايو ويندو آهي. اڄوڪي رات مسجد ۾ خصوصي محفلن ۽ عبادتن جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. ماڻهو نفل ادا ڪندا آهن ۽ دعائون گهرندا آهن. تقريبن ۾ علماءِ ڪرام معراج واقعي ۽ ان جي فضيلت تي روشني وجهندا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں