105

واقعا ٿيندا رهندا آهن، پي ايس ايل جاري رهندي: نجم سيٺي

ڪراچي: پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته واقعا ٿيندا رهندا آهن، پي ايس ايل جاري رهندي.

هن چيو ته ميچون شيڊول موجب ٿينديون، اسان پوئتي نه هٽنداسين، ليگ کي برقرار رکڻ هڪ چيلنج آهي، غير معمولي سهڪار تي سنڌ حڪومت جا شڪر گذار آهيون.

اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي جيم خانه ۾ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر جلال الدين جي ڪتاب جي رونمائي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
نجم سيٺي چيو ته جڏهن پي سي بي ڇڏي هن جو سڄو ڌيان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تي هو، وزيراعظم مون کي فون ڪري پي سي بي وڃڻ جو چيو، آگسٽ تائين ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ بحال ٿيڻي آهي، آگسٽ ۾ ڪرڪيٽ جو نئون سيزن شروع ٿيندو. ،

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں