65

مهانگائي جو جن بي قابو ٿي چڪو آهي، پاڻ کي معيشت جا چيمپين سڏائيندڙ منهن لڪائي رهيا آهن:عمران خان

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ ان جا ڪارڪن هر صورت ۾ عدليه جي تقدس جي حفاظت ڪندا. ملڪ ۾ مهانگائي جو جن بي قابو ٿي چڪو آهي، پاڻ کي معيشت جا چيمپين سڏائيندڙ هن وقت عوام کان منهن لڪائي رهيا آهن.
تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جي زمان پارڪ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ لائحه عمل تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ جي معيشت اڳ ئي تباهه ڪئي وئي آهي هاڻ چونڊون نه ڪرائي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. آئين جي ڀڃڪڙي کان بچڻ لاءِ امپورٽڊ حڪومت عدليه مٿان حملا ڪري رهي آهي. مهانگائي عام ماڻهو جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته هيلٿ ڪارڊ سميت ڪيترائي عوام دوست منصوبا بند ڪرڻ جو غريب عوام مٿان بار پئجي رهيو آهي. هنن کي عام ماڻهو کي منهن ڏيڻ جي همت ناهي. مهانگائي جو جن بي قابو ٿي چڪو آهي. پاڻ کي معيشت جا چيمپين سڏائيندڙ اڄڪلهه منهن لڪائي رهيا آهن هر پاڪستاني کي خبر آهي ته هي چونڊن کان ڇو ڀڄي رهيا آهن.
ملاقات دوران شهباز گل چيو ته پارٽي جو ڪارڪن پارٽي جي نظريئي سان گڏ بيٺل آهي. ايندڙ چونڊن ۾ يوٿ ونگ، آءِ ايس ايف ۽ سوشل ميڊيا ونگ مان پارٽي جي نظرياتي نوجوانن کي گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو ٽڪيٽون ڏيڻ جي درخواست ڪريان ٿو. شهباز گل پي ٽي آءِ چيئرمين کي وڌيڪ چيو ته جيڪي پارٽي ڪارڪن مشڪل حالتن ۾ به پارٽي سان گڏ بيٺل آهن انهن کي اوليت ڏني وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں