53

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سڀاڻي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سڀاڻي سومر تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سيڪيورٽي ڪليئرس جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان به رابطو ڪري ورتو آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز انتظامي جج عابد عزيز شيخ کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان جي زندگي کي پيش ايندڙ خطرن کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي ڪليئرس ڪرائي وڃي. ايڊمنسٽريٽو جج طرفان سيڪيورٽي ڪليئرنس ملڻ کان پوءِ عمران خان هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں