61

ڪوئٽه مان گرفتار آپگهاتي بمبار عورت بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪوئٽه: بلوچستان جي صوبائي گادي واري شهر ڪوئٽه مان گرفتار آپگهاتي بمبار عورت بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا آهن. آپگهاتي بمبار عورت جي مڙس جو تعلق پابندي مڙهيل بلوچستان لبريشن يونائيٽيڊ فرنٽ(بي ايل ايف) سان آهي.
ڀروسي جوڳن ذريعن مان ملندڙ ڄاڻ موجب ڪوئٽه جي سيٽلائيٽ ٽائون جي ليڊيز پارڪ مان گرفتار اپگهاتي بمبار عورت جي باري ۾ ٿيل انڪشافن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بمبار عورت جو مڙس بيبارگار بلوچ عرف نديم جو تعلق به پابندي مڙهيل بي ايل ايف سان آهي. جڏهن ته ان جو سهرو حسين به پابندي مڙهيل بلوچستان نيشنل موومينٽ(بي اين ايم) جي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر آهي.

بمبار عورت جو مڙس بيبارگار بلوچ ۽ سندس ڀاءُ پابندي مڙهيل بلوچستان لبريشن فرنٽ(بي ايل ايف) جي ڪمانڊرن واحد قمبر، ڊاڪٽر الله نذر، دليپ شڪاري ۽ بي اين ايم جي چيئرمين غلام نبي بيبتان جي ويجهن ساٿين ۾ شامل هئو. اهي ٻئي سال 2016 ۾ پئسن ۽ هٿيارن تي پاڻ ۾ جهيڙي دوران مارجي ويا هئا.
ماهل بلوچ جي ڀيڻ جي شادي به ڊاڪٽرالله نذر جي ڀائٽي يوسف سان ٿي هئي. يوسف بلوچ حقوق تنظيم جو چيئرمين آهي. ماهل کي استعمال ڪرڻ جو مقصد به اهو هو ته هو پابندي مڙهيل بي ايل ايف کي سپورٽ ڪري.
ياد رهي ته مذڪوره عورت بمبار کي گذريل ڏينهن 18 فيبروري ڇنڇر تي سي ٽي ڊي بلوچستان انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪندي گرفتار ڪيو هو. گرفتار عورت کان ساڍا 4 ڪلو وزني آپگهاتي جيڪٽ به هٿ آيا هئا. سي ٽي ڊي ترجمان موجب عورت بمبار خلاف سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں