59

اليڪشن ڪميشن جو ايوان صدر کي خط: مشاورتي عمل جو حصو بنجڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

لاهور: اليڪشن ڪميشن صوبن جي چونڊن بابت ايوان صدر کي مشاورتي عمل جو حصو بنجڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.
اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري طرفان ايوان صدر جي سيڪريٽري کي خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 105 جي تحت ٽوڙيل اسيمبلي جي چونڊ تاريخ گورنر ڏئي سگهي ٿو. اليڪشن ڪميشن آئين تحت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي صوبن جي گورنرز کي خط لکيا.
خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي گورنرز اڃان تائين چونڊن جي تاريخ ناهي ڏني. ٻنهي صوبن ۾ عام چونڊن بابت معاملو مختلف عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ پنجاب جي گورنر سان مشاورت جو حڪم ڏنو. اليڪشن ڪميشن جي اختيارين پنجاب جي گورنر سان مشاورت ڪئي پر گورنر چونڊن جي تاريخ نه ڏني.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن فيصلي بابت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ انٽرا اپيل داخل ڪئي آهي. اليڪشن ڪميشن کي چونڊ جي تاريخ مقرر ڪرڻ جو ڪوبه آئيني ۽ قانوني اختيار نه آهي. اليڪشن ڪميشن پنهنجين آئيني ۽ قانوني ذميوارين کان پوري طرح آگاهه آهي. اليڪشن ڪميشن پهرين خط جي جواب ۾ به صدر عارف علوي کي آفيس جي سموري صورتحال کان آگاهه ڪري چڪو آهي. افسوس سان چئي رهيا آهيون ته اليڪشن ڪميشن ايوان صدر کي هن مشاورتي عمل ۾ شامل نٿو ڪري سگهي.
اليڪشن ڪميشن کي قانوني ٽيم ايوان صدر جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ويو آهي ته صدر عارف علوي سان صوبائي چونڊن تي مشاورت جي ڪابه آئيني حيثيت ناهي. ان لاءِ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ گهرجي. ايوان صدر کي ٻڌايو ويو آهي ته چونڊن جي تاريخ جو معاملو مختلف عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ معاملي تي صدر سان مشاورت نٿي ڪري سگهجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں