60

(ن) ليگ توشه خان چور ۽ ملڪ دشمنن خلاف مهم هلائي رهي آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مسلم ليگ(ن) هاڻ صرف ملڪ خلاف سازش ڪندڙن خلاف مهم هلائي رهي آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي مريم اورنگزيب چيو ته عدليه جو مذاق ۽ توهين جيڪا اوهان ڪري رهيا آهيو، ان جي مثال ڪٿي به نٿي ملي. عدليه کي گارين ۽ ڌمڪين کان پوءِ روز ڇوٽ اوهان وٺندا آهيو، عمران خان صاحب اهي بيان ڏيڻ لاءِ تمام گهڻي بيشرمي گهرجي.
ليگي اڳواڻ چيو ته(ن) ليگ هاڻ صرف ۽ صرف اوهان ۽ اوهان جي سهولتڪارن کي بي نقاب ڪرڻ، پاڪستان جي معيشت کي کوکلو ڪرڻ ۽ عوام کي بيروزگار ڪندڙ ادارن خلاف مهم هلائي رهي آهي.
وفاقي وزير وڌيڪ چيوته مسلم ليگ(ن) هاڻ صرف فارين ايجنٽ ۽ توشه خانه چور ۽ ملڪ خلاف سازشون ڪندڙن خلاف مهم هلائي رهي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں