120

ترڪيه: 1999 جي زلزلي ۾ پيدا ٿيندڙ نوجوان 2023 جي زلزلي ۾ فوت ٿي ويو

انقره: 1999ع دوران ترڪيه ۾ آيل زلزلي سبب پيدا ٿيندڙ عثمان انيس 2023 جي زلزلي ۾ دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
ترڪ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي عثمان جي والده پٽ جي مختصر زندگي بابت ٻڌائيندي انڪشاف ڪيو ته عثمان جي پيدائش 1999ع ۾ ترڪ شهر غازي انتيپ ۾ ٿي هئي جنهن دوران زلزلو آيو هو ۽ هاڻ 2023 ۾ عثمان ترڪي جي ڏکڻ ۾ واقع شهر نوردگي ۾ ايندڙ زلزلي ۾ فوت ٿي ويو.

عثمان جي والده آسيي باس ترڪ 6 فيبروري جي ان رات بابت ٻڌايو جيڪا سندس زندگي جي لاءِ هڪ ڊيڄاريندڙ خواب بڻجي. هن چيو ته منهنجي ان رات اک کلي ته سموريون شيون زور زور سان لڏي رهيون هيون. مون پنهنجي مڙس کي اٿاريو ۽ کيس ڀت سان لڳائي ڇڏيو. جيئن ئي مان پنهنجي ٻارن طرف وڌيس ته منهنجي مٿان ڇت ڪري پئي.

آسيي باس ترڪ موجب جنهن رات 7.7 جو زلزلو آيو ان رات منهنجو وڏو پٽ عثمان پنهنجي ڀاءُ امير جان سان هڪ ئي ڪمري ۾ ستل هو پر قدرت سندس زندگي ايتري ئي لکي هئي. عثمان جي والده ٻڌايو ته منهنجو پٽ همٿ وارو هو. مون سوچيو هو ته عثمان پنهنجي ڀاءُ کي بچائي وٺندو. منهنجي پٽ پنهنجي ڀاءُ جي چوڌاري بيهي ان کي ته بچايو پر هو پنهنجو پاڻ کي بچائي نه سگهيو. هن چيو ته عثمان پنهنجي ڀاءُ کي ملبي مان ڪڍڻ ۾ به مدد ڪئي پر هو پاڻ ملبي جي هيٺيان کان ٻاهر نه اچي سگهيو.
آسيي باس ترڪ چيو ته عثمان زلزلي ۾ پيدا ٿيو ۽ زلزلي ۾ ئي فوت ٿي ويو، منهنجو دل پنهنجي وڏي پٽ جي لاءِ تمام گهڻو روئي رهيو آهي. منهنجو پٽ همٿ وارو هو.
هوڏانهن عثمان جي ننڍي ڀاءُ امير جان ٻڌايو ته جنهن رات زلزلي آيو اسان ٻئي ڀائر هڪ ٻئي سان چنبڙي وياسين اهو ڊيڄاريندڙ منظر هو. مان ڪجهه وقت جي لاءِ بيهوش به ٿيس، مون عمارتن جي ڪرڻ جا آواز ٻڌا، منهنجو ڀاءُ مون سان گڏ ليٽيل رهيو. امير جان موجب منهنجي والد جا ٻاهر کان آواز اچي رهيا هئا. منهنجي والده به ڪجهه چئي رهي هئي. مون والده کي آواز ڏني ته هن به جواب ڏنو. پوءِ هن ڀاءُ جي باري ۾ چيو جنهن تي مون کيس چيو ته مون کي ان جي آواز نه پئي اچي.
عثمان جي ڀاءُ ٻڌايو ته مون کي ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ منهنجي ڀاءُ تمام گهڻي مدد ڪئي پر هو پاڻ ملبي هيٺيان دٻجي فوت ٿي ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں