49

بجلي جي قيمت ۾ 1 روپيو 17 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان

اسلام آباد: (آچر: 19 فيبروري 2023ع) ڪراچي کان علاوه ملڪ جي سمورن صارفين جي لاءِ ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي.
سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 1 روپيو 17 پئسا واڌ جي درخواست نيپرا ۾ داخل ڪري ڇڏي آهي.

سي پي پي اي جنوري جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. نيپرا طرفان سي پي پي اي جي درخواست تي 28 فيبروري تي ٻڌڻي ڪئي ويندي.

سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست ڪي اليڪٽرڪ صارفين مٿان لاڳو نه ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں