106

ڪراچي: پوليس آفيس تي حملي بابت اعليٰ سطحي اجلاس اڄ طلب

ڪراچي: سنڌ جي آءِ جي غلام نبي ميمڻ ڪراچي پوليس آفيس مٿان حملي جي حوالي سان اڄ(آچر) تي اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.
اجلاس ۾ سموري سنڌ جي سيڪيورٽي معاملن جو جائزو ورتو ويندو. صوبي ۾ سيڪيورٽي کي هاءِ الرٽ رکيو ويو آهي.
اجلاس ۾ سي ٽي ڊي، اسپيشل برانچ ۽ فارن سيڪيورٽي سيل جا آفيسر به شريڪ ٿيندا. ان کان علاوه ٽريننگ، فنانس، ايس ايس يو ۽ ريپڊ رسپاس فورس جون اختياريون به اجلاس ۾ شريڪ ٿينديون. جڏهن ته اجلاس ۾ زونل ڊي آءِ جيز، رينج ڊي آءِ جيز ۽ سڄي سنڌ جي ايس ايس پيز کي به طلب ڪيو ويو آهي.
اهم ترين اجلاس ۾ صوبي ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان اهم فيصلا ڪرڻ جو امڪان به ٻڌايو پيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں