68

دهشتگردي جو ڪيس: اسد عمر سميت 9 جوابدارن کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم

اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت دهشتگردي جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر ۽ علي نواز اعواڻ سميت 9 جوابدارن کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو.
اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت اليڪشن ڪميشن جي توشه خانه ڪيس جي فيصلي خلاف احتجاج تي داخل دهشتگردي جي ڪيس ۾ 9 جوابدارن کي سڀاڻي طلب ڪيو آهي جنهن ۾ اسد عمر ۽ علي نواز اعواڻ به شامل آهن.

عدالت سنگجاني ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ شريڪ جوابدارن کي سڀاڻي طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا آهن ۽ ايف آءِ آر ۾ نامزد شريڪ جوابدارن کي سڀاڻي صبح 9 وڳي حاضري يقيني بنائڻ جو حڪم ڏنو.
ٻئي طرف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي هن ڪيس ۾ عبوري ضمانت رد ٿي چڪي آهي جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن اڄ ئي اسٽي آرڊر وٺڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. عمران خان دهشتگردي جي ڪيس جي ڪارروائي لاءِ هڪ ٻئي درخواست داخل ڪئي آهي جنهن کي اڄ ئي ٻڌڻ جي استدعا ڪئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں