54

لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف پنجاب جي ايم اين ايز کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي 70 قومي اسيمبلي ميمبرن(ايم اين ايز) جون قومي اسيمبلي مان استعيفائون منظور ڪرڻ خلاف درخواستن تي پنجاب جي اسيمبلي ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.
جسٽس شاهد ڪريم تحريڪ انصاف جي شاهه محمود قريشي ۽ فواد چوڌري سميت ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستن ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر استعيفائون منظور ڪرڻ جي لاءِ قانوني گهرجون پوريون ناهن ڪيون.

بيرسٽر علي ظفر ٻڌڻي دوران نڪتو اٿاريو ته قانون موجب قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪرڻ کان اڳ ان جو موقف ٻڌڻ گهرجي پر هن ائين نه ڪيو.
عدالت پي ٽي آءِ پنجاب سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو. عدالت پنجاب جي لاڳاپيل تڪن ۾ ننڍيون چونڊون به روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. درخواست تي وڌيڪ ڪارروائي 7 مارچ تي ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں