79

صدر عارف علوي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو

صدر عارف علوي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلين ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
صدر عارف علوي 9 اپريل آچر ڏينهن پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلين ۾ چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏي. صدر اليڪشن ايڪٽ 2016 جي سيڪشن 57/1 جي تحت چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو.

صدر عارف علوي چيو ته اليڪشن ڪميشن آئين جي سيڪشن 57/2 جي تحت چونڊن جو پروگرام جاري ڪري. آئين جي تحت تحفظ ۽ دفاع جو حلف ورتو آهي.

عارف علوي چيو ته عدالتي فورم طرفان ڪوبه حڪم امتناع نه آهي. حڪم امتناع نه هجڻ سبب سيڪشن 57/1 جي تحت اختيار جي استعمال ۾ ڪابه رنڊڪ نه آهي. آئين ۽ قانون 90 ڏينهن کان وڌيڪ دير جي اجازت نٿو ڏئي. آئين جي ڀڃڪڙي کان بچڻ جي لاءِ پنهنجو آئيني، قانوني فرض ادا ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو.
صدر چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جا گورنرز 80 ڏينهن ۾ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جي آئيني ذميواريون ادا نه پيا ڪن. اليڪشن ڪميشن به پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊون ڪرائڻ جي آئيني ذميواري پوري نه پيو ڪري. ٻئي آئيني فيسون(پهرين اوهان، پهرين اوهان) جيان هڪ ٻئي جي ڪورٽ ۾ بال وجهي رهيون آهن. اهڙي عمل سان دير ۽ آئيني شقن جي ڀڃڪڙي جو سنگين خطرو پيدا ٿي رهيو آهي.
صدر چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي مختلف خطن ۾ چونڊن جي امڪاني تاريخن جو اشارو ڏئي چڪو آهي. ان خطن ۾ 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ڪرائڻ جي اليڪشن ڪميشن جي ذميواري ظاهر ٿئي آهي. چونڊن جي تاريخ جي اعلان لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مشاورت جو سنجيده عمل شروع ڪيو. اليڪشن ڪميشن ان موضوع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت کان معذرت ڪئي ان ڪري سيڪش 57/1 جي تحت صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جي لاءِ 9 اپريل جي تاريخ جو اعلان ڪري رهيو آهيان.
ياد رهي ته صدر عارف علوي چونڊ تاريخ جي اعلان لاءِ اليڪشن ڪميشن کي مشاورت جي لاءِ خط به لکيو هو پر اليڪشن ڪميشن صدر عارف علوي جي چونڊن جي تاريخ تي مشاورت جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں