74

لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان کي 5 وڳي تائين پيش ٿيڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي

لاهور ها ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي حفاظتي ضمانت تي صحيح جي تصديق لاءِ اڄ 5 وڳي تائين پيش ٿيڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست ۽ وڪالت نامي تي صحيح ۾ فرق جي وضاحت لاءِ عمران خان جي پيشي لاءِ ٻڌڻي جي شروعات ٿي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ ريمارڪس ڏنا ته 2 وڳي تائين جو وقت ڏنو هو عمران خان ڪٿي آهي جنهن تي وڪيلن جواب ڏنو ته رستي ۾ آهي ڪجهه دير ۾ پهچي ويندو، سيڪيورٽي جو مسئلو آهي.

جسٽس طارق سليم شيخ ريمارڪس ڏنا ته سيڪيورٽي جو مسئلو مون کي حل ناهي ڪرڻو. ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪري رهيا آهيون. عدالت ۾ رش به گهٽ ڪريو. عدالت ۾ جيتريون ڪرسيون آهن اوترا ئي وڪيل موجود رهن باقي ٻيا ٻاهر هليا وڃن.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي پيشي لاءِ ٻيهر ٻڌڻي سروع ٿي ته عمران خان جي وڪيل خواجه طارق رحيم عدالت کي ٻڌايو ته مغذرت چاهيان ٿو مال روڊ ٽريفڪ سبب بند آهي اسان پوليس کان سيڪيورٽي جي لاءِ مليا هئاسين، اسان کي چيو ويو ته مال روڊ ٽريفڪ جي فري آهي پر مال روڊ تي به ٽريفڪ جام آهي. جنهن کان پوءِ عدالت عمران خان کي اڄ 5 وڳي تائين پيش ٿيڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں