93

ڪي پي او حملي جي جاچ تيز: ڪراچي جي افغان بستي مان 3 شڪي جوابدار گرفتار

قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪراچي ۾ پوليس آفيس تي حملي جي سهولتڪارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن. ڪراچي جي افغان بستي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هڪ گهر تي ڇاپو هنيو. جنهن دوران ٽن شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدارن کي پڇاڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.
سي ٽي ڊي ذريعن موجب افغان بستي ۾ ڪارروائي ڳجهي اطلاع تي ڪئي وئي ۽ ان دوران هڪ مخصوص گهر تي ڇاپو هنيو ويو جتان کان گرفتار ڪيل ماڻهن کان ڪجهه موبائل سمون هٿ ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب جيو فينسنگ ۾ 100 مان 12 بند نمبرن کي سمن سان ميچ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته جيو فينسنگ ۾ حملي وقت 100 کان وڌيڪ نمبرن کي شڪي قرار ڏنو ويو ۽ 10 کان 12 نمبر حملي کان پوءِ اڃان تائين بند آهن.

جاچ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن طرفان ڪراچي ۽ ڄامشورو جي مختلف علائقن ۾ به ڇاپا هنيا پيا وڃن هيل تائين 10 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته ڪراچي پوليس آفيس تي حملي ۾ ٽن پوليس اهلڪارن ۽ هڪ رينجرز جي سب انسپيڪٽر سميت 5 ڄڻا شهيد ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا. حملو ڪندڙ ٽئي دهشتگرد مارجي ويا هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں