98

قاضي احمد ۾ ڦر دوران مزاحمت تي 2 واپاري قتل، هڪ زخمي

قاضي احمد ويجھو ڇڍڻ موري ڀرسان قومي شاھراھ تي ڦورن جي واپارين کان ڦر جي واردات مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن جي واپارين تي سڌي فائرنگ 2 قتل ۽ ھڪ ڄڻو زخمي، لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل تفصيل موجب قاضي احمد لڳ ڳوٺ گولو ڏاھري جا رھواسي چوپائي مال جا واپاري واپار مال پڙي وڃي رھيا ھئا ته قاضي احمد لڳ ڇڍڻ موري ڀرسان قومي شاھراھ تي قائم پوليس چوڪي جي سامھون ٻن موٽر سائيڪلن تي 6 ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي ڦر ڪئي واپارين طرفان ڦورن سان مزاھمت ڪئي وئي جنهن کان پوءِ ھٿياربندن جي سڌي فائرنگ سبب ھڪ واپاري تڳيو مري موقعي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته 2 ڄڻا پير بخش مري ۽ صاحب مري سخت زخمي ٿي پيا فوتي جي لاش ۽ زخمين کي فوري طور تي تعلقه اسپتال قاضي احمد پھچايو ويو جتي زخمين کي طبي امداد ڏئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاھ اسپتال رفر ڪيو ويو جتي زخمي پير بخش مري زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
واقعو قاضي احمد جي حد قومي شاھراھ تي پوليس پڪٽ سامھون پيش آيو آهي ڇڪڙي جي ڊرائيور اسد ڏاھري ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته چوپائي مال جي واپارين سان گڏ جھانگارا وڃي رھيا هئاسين ته ڳوٺ ٻاھران قومي شاھراھ تي قائم پوليس چوڪي سامھون پھتاسين ته ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار 6 ھٿياربند گاڏي کي روڪيو ۽ ڦر مار شروع ڪئي مزاحمت تي ھٿياربندن سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن سبب 1 ڄڻو موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جنهن بعد ھٿياربند پنهنجي ھڪ 125 موٽر سائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويا. واقعي واري ھنڌ قائم پوليس پڪٽ تي پوليس اھلڪار موجود ئي نه هئا

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں