106

ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 46 هزارن کان وڌي ويو، ريسڪيو آپريشن ختم ڪرڻ جو اعلان

ترڪيه زلزلي سبب متاثر گهڻي قدر صوبن ۾ ماڻهن کي بچائڻ لاءِ جاري سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اهو اعلان ان وقت ڪيو ويو آهي ته جڏهن ترڪيه ۽ شام ۾ تباهي مچائيندڙ زلزلي سبب فوتين جو انگ 46 هزار کان وڌي ويو آهي.
ترڪيه ۾ قدرتي آفيسن کي منهن ڏيندڙ اداري اي ايف اي ڊي جي سربراهه يونس شيراز ٻڌايو ته ترڪيه ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 40 هزار ڇو سئو ٻائيتاليهه ٿي ويو آهي، جڏهن گهڻي قدر صوبن ۾ ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ جو ڪم ختم ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته آپريشن 19 هين فيبروري جي رات ختم ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي شام ۾ هنيئر تائين زلزلي سبب 5800 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں