150

18 سالن تائين جي شاگردن لاءِ رياضي جي تعليم لازمي قرار

برطانيا ۾ 18 سالن تائين جي شاگردن لاءِ رياضي جي تعليم لازمي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
برطانوي ميڊيا موجب برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ برطانوي تعليمي نظام ۾ وڏي تبديلي جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي.
هن نئين منصوبي تحت 18 سالن تائين جي سڀني شاگردن لاءِ رياضي لازمي قرار ڏنو ويندو.
رياضي کي لازمي بڻائڻ جو مقصد ٻارن کي سوچڻ، سمجهڻ ۽ وڌيڪ تخليقي بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں