69

جيل ڀريو تحريڪ: پي ٽي آءِ جي 80 کان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن مٿان دهشتگردي جا ڪيس داخل

پوليس تحريڪ انصاف جي جيل ڀريو تحريڪ ۾ پوليس موبائيل تي حملو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ تي دهشتگردي سميت 10 سنگين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف گذريل ڏينهن لاهور مان جيل ڀريو تحريڪ جي شروعات ڪئي هئي. جيل ڀريو تحريڪ دوران شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ سرفراز چيمه سميت ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن گرفتاريون ڏنيون هيون. پوليس ان موقعي تي موبائيل مٿان حملو ڪندڙ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
لاهور پوليس موجب ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ زبير نيازي ۽ عباد فاروق کي نامزد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 80 نامعلوم ماڻهن جي خلاف دهشتگردي، سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت، قلم 144 جي ڀڃڪڙي ۽ روڊ بلاڪ ڪري امن امان خراب ڪرڻ سميت ٻيا قلم لڳايا ويا آهن.
پوليس جي مدعيت ۾ داخل ڪيل ڪيس جي جاچ لاءِ موبائل فون ۽ ڪلوز سرڪٽ فوٽيجز جي مدد به ورتي ويندي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ زبير نيازي دهشتگردي جي انت واري عدالت مان عبوري صمانت ڪرائي ورتي آهي. عدالت 2 مارچ تائين پوليس کي کيس گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں