78

چونڊن ۾ دير تي پاڻمرادو نوٽيس: آئين جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪنداسين، چاهيون ٿا چونڊون وقت تي ٿين: چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان ريمارڪس ڏنا آهن ته اسان آئين جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪنداسين، چاهيون ٿا ته چونڊون وقت تي ٿين.
چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بينچ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.لارجر بينچ ۾ جسٽس اعجازالاحسن، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس اطهر من الله شامل آهن.

سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ۾ 3 سوال اٿاريا آهن. پهريون سوال اسيمبليون ٽوڙڻ تي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ ڪنهن جي ذميواري آهي؟ ٻيو سوال چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو آئيني اختيار ڪڏهن ۽ ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي؟ ٽيون سوال اهو آهي ته عام چونڊن جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن جي ذميواري ڪهڙي آهي. عدالت پاڻمرادو نوٽيس سي سي پي او غلام ڊوگر جي بدلي واري ڪيس ۾ جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي جي نوٽ تي ورتو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي شروعات تي عدالت چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ کان پوءِ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار وضاحت جوڳو آهي، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليون 14 ۽ 17 جنوري تي ٽوڙيون ويون. آرٽيڪل 2/224 جي تحت چونڊ اسيمبلين جي ٽوڙڻ کان 90 ڏينهن ۾ ٿينديون آهن. آرٽيڪل 224 هڪ ٽائيم فريم ڏيڻو آهي. عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ آئين جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪندو. چاهيون ٿا ته چونڊون آئين موجب ٿين.

چيف جسٽس چيو ته عدالت 3 معاملن کي ٻڌو آهي. صدر پاڪستان چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو. آرٽيڪل 224 چوي ٿو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿينديون. سيڪشن 57 جي تحت صدر چونڊن جو اعلان ڪيو آهي. ڏسڻو آهي صوبائي اسيمبلين جي ٽوڙڻ کان پوءِ تاريخ ڏيڻ ڪنهن جو اختيار آهي.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته چونڊن جو مسئلو وضاحت جوڳو آهي، اسان ارادو رکون ٿا ته اوهان سڀني کي ٻڌون پر وقت گهٽ هجڻ سبب ٻڌڻي ڊگهي نٿا ڪري سگهون. تياري ڪريوڪيس جي ٻڌڻي سومر کان ٿيندي. ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته منهنجا پاڻمرادو نوٽيس بابت ڪجهه خدشا آهن. اهو پاڻمرادو نوٽيس نٿو بڻجي. اسان جي سامهون 2 اسيمبلين جي اسپيڪرن جون درخواستون آهن. هي پاڻمرادو نوٽيس جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي جي نوٽ تي ورتو. هن ڪيس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر کي به گهرايو ويو آهي جيڪو ڌر به نه آهي.

چيف جسٽس چيو ته ڪجهه سوال ٻنهي اسيمبلين جي اسپيڪرز پنهنجي درخواستن ۾ شامل ڪيا آهن پر سپريم ڪورٽ صرف آئيني نڪتو ڏٺو آهي ۽ ان تي عمل ڪرائڻو آهي. اسان صرف آئين جي تشريح ۽ آئين جي عملداري لاءِ ويٺا آهيون. عدالت چيو ته اسان اڄ نوٽيس جاري ڪنداسين اسان هن معاملي کي ڊيگهه نٿا ڏيڻ چاهيون ۽ نه ئي ڪي وسوسا ڇڏڻ چاهيون ٿا.
ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل وقت ڏيڻ جي لاءِ استدعا ڪئي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان سڀاڻي صرف ڪجهه ضروري ڳالهين تائين محدود رهنداسين ڪيس جي تفصيلي ٻڌڻي ايندڙ هفتي ڪنداسين. ان موقعي تي جسٽس اطهر من الله چيو ته صوبائي اسيمبلي جي پاڻمرادو ٽوڙڻ جو به نوٽيس ورتو وڃي. ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته مان پاڻمرادو نوٽيس ڪيس تي پنهنجي آبزرويشن ڏيڻ چاهيان ٿو. هي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ٺهي ئي نٿو. ان تي چيف جسٽس چيو ته جسٽس جمال مندوخيل جي سوموٽو تي ڪجهه خدشا آهن، سندس خدشن کي نوٽ ڪري ورتو آهي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل 224 چوي ٿو 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿينديون ۽ وقت جلدي گذري رهيو آهي. هاءِ ڪورٽ ۾ معاملو ٻڌڻي هيٺ هو پر ڪوبه فيصلو نٿو ٿي سگهي. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں