97

آءِ ايم ايف وياج جي شرح وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته هو پنهنجي مانيٽري پاليسي سخت ڪري.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڪالهه ورچوئل اجلاس ٿيو جنهن ۾ پاڪستان طرفان اسٽاف ليول معاهدو مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو پاڪستان تي زور آهي ته اڳڀرائي قدم يعني جيڪي شرط رکيل آهن، اُنهن تي فوري طور عملدرآمد ڪرايو وڃي، آءِ ايم ايف مانيٽري پاليسي سخت ڪرڻ تي به زور ڏنو آهي.
مانيٽري پاليسي سخت ڪرڻ سان وياج جي شرح وڌي ويندي، اسٽيٽ بئنڪ جي هن وقت وياج جي شرح 17 سيڪڙو مقرر ٿيل آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف وياج جي شرح 2 سيڪڙو وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
آءِ ايم ايف افراط زر جي بنياد تي مالياتي پاليسي کي سخت ڪرڻ لاءِ زور ڏئي رهيو آهي.
ذريعن موجب ملاقات ۾ پاڪستان آءِ ايم ايف کي گذريل قدمن کان آگاهه ڪيو، پاڪستان دوست ملڪن جي فنانسنگ بابت به بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ چين سان 700 ملين ڊالرن جي ري فنانسنگ جي فيصلي کان آگاهه ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کي گڏيل عرب امارتن کان 1.2 ارب ڊالرن جي فنانسنگ کان علاوه گڏيل عرب امارات ۽ قطر جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شيئرز ذريعي فنانسنگ بابت به بريفنگ ڏني وئي.
ورچوئل اجلاس ۾ پاڪستان جون تائين پرڏيهي مٽا سٽا جي ذخيرن جي هدف واري حڪمت عملي به پيش ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں