101

جسٽس مظاهر نقوي خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ملڪيتن بابت ريفرنس داخل

جوڊيشل ڪائونسل ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف ملڪيتن بابت ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي.
سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي سيڪريٽري ريفرنس ميان دائود ايڊووڪيٽ طرفان اماڻيو ويو آهي. ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي جج ۽ ان جي گهر ڀاتين جي ملڪيتن بابت جاچ ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

ريفرنس ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي اثاثن جي جاچ ڪري. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جا اثاثا 3 ارب روپين کان وڌيڪ جي ماليت جا آهن. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جو فيڊرل ايمپلائيز هائوسنگ سوسائٽي ۾ هڪ ڪنال جو پلاٽ آهي.
ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جو سپريم ڪورٽ هائوسنگ سوسائٽي ۾ هڪ ڪنال جو پلاٽ آهي. گلبرگ ٿري لاهور ۾ 2 ڪنال جا 4 پلاٽ آهن. سينٽ جون پارڪ لاهور ۾ هڪ پلاٽ آهي. اثاثن ۾ گوجرانوالا الائيڊ پارڪ ۾ ظاهر نه ڪيل پلازه به شامل آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں