157

عبدالرحمان کيتران مون کي سندس پٽ خلاف ڪوڙي گواهي ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو هو: خان محمد مري

بارکان واقعي ۾ بازياب ڪرايل عورت گران ناز جي مڙس خان محمد مري الزام لڳايو آهي ته سردار عبدالرحمان کيتران ڪوڙي ڪيس ۾ پنهنجي پٽ انعام شاهه خلاف گواهي ڏيڻ لاءِ منهنجي مٿان دٻاءُ وجهي رهيو هو.
بارکان واقعي خلاف مري قبيلي طرفان لاش رکي ٽئين به ڪوئٽه ۾ ڌرڻو جاري آهي. ڌرڻي دوران گران ناز جي مڙس خان محمد مري الزام هڻندي چيو آهي ته مان سردار عبدالرحمان کيتران جو ملازم هئس ۽ هن واقعي ۾ سردار عبدالرحمان کيتران ملوث آهي.

خان محمد مري چيو ته منهنجا ٻار سردار عبدالرحمان کيتران جي نجي جيل ۾ قيد هئا. عبدالرحمان کيتران مون کي ڪوڙي ڪيس ۾ پنهنجي پٽ انعام شاهه خلاف گواهي ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو هو.
خان محمد مري چيو ته عبدالرحمان کيتران جا 3 نجي جيل آهن ان ۾ ٻار، عورتون ۽ بزرگ قيد آهن. مان به سندس ان نجي جيل مان فرار ٿيو هئس. منهنجي پٽن کي عبدالرحمان کيتران قتل ڪيو آهي. هڪ لاش منهنجي پٽ محمد نواز ۽ ٻئي عبدالقادر جي آهي.
خان محمد مري اهو به چيو ته مون کي اطلاع ملي آهي ته ليويز پوليس منهنجي گهر ڀاتين کي بازياب ڪرايو آهي. ڇوڪري جي لاش جو چهرو سڃاڻپ جهڙو نه هو پر اها به ڪنهن جي ڀيڻ يا ڌيءَ ته هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں