95

صدر عارف علوي مني بجيٽ 2023 جي منظوري ڏئي ڇڏي

صدر ڊاڪٽر عارف علوي مني بجيٽ 2023 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ايوان صدر مان جاري ڪيل بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي فنانس(سپليمينٽري) بل 2023 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 جي تحت ڏني وئي آهي.

سومر جي ڏينهن قومي اسيمبلي جو ڪورم مڪمل نه هجڻ جي باوجود ضمني مالياتي بل 2023 منظور ڪيو ويو هو. ايوان ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جا ٽوٽل 68 ميمبر موجود هئا. جڏهن ته اجلاس جي ڪورم لاءِ 86 ميمبرن جي ضرورت هوندي آهي.

حڪومت عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) جي چوڻ تي 170 ارب روپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ جي لاءِ مني بجيٽ منظور ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں