117

جيل ڀريو تحريڪ: پي ٽي آءِ پشاور جا اڳواڻ اڄ گرفتاريون ڏيندا

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي سڏ تي اڄ پشاور جا اڳواڻ جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتاريون ڏيندا.
پشاور ۾ جيل ڀريو تحريڪ تحت اڳوڻو گورنر شاهه فرمان، اڳوڻو قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، اڳوڻا صوبائي وزير عاطف خان، شهرام ترڪئي ۽ اشتياق ارمز سميت ٻين جي گرفتارين جو امڪان آهي.
هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر پشاور ۾ 5 ڏينهن جي لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي تحت 5 يا ان کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي هوندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں