117

بارکان واقعو: مغوي عورت گران ناز ڌيءَ ۽ پٽن سميت بازياب

پوليس ۽ ليويز مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوران خان محمد مري جي گهر واري مغوي گران ناز کي ڌيءَ ۽ پٽن سميت بازياب ڪرائي ورتو آهي.
ذريعن موجب مغوي عورت گران ناز، ان جي ڌيءَ ۽ پٽن کي ڪوهلو مان بازياب ڪرايو ويو آهي. ليويز ۽ پوليس ذريعن موجب مغوين کي ڪمشنر زوب ڊويزن جي حوالي ڪيو ويو آهي. دکي، ڪوهلو بارکهان ۾ پوليس طرفان ڪارروايون ڪيون ويون جنهن کان پوءِ بازياب ماڻهن کي قانوني ڪارروائي کان پوءِ گهر ڀاتين حوالي ڪيو ويندو.

ڪوهلو ۾ شروعاتي ڇاپي ۾ خان محمد جي گهر واري، ڌيءَ ۽ پٽ کي بازياب ڪرايو ويو آهي جڏهن ته ٻين مغوي ٻارن عبدالغفار، عبدالستار کي به ڪجهه دير کان پوءِ بازياب ڪرايو ويو. ليويز ذريعن موجب هڪ مغوي ٻار کي دکي جڏهن ته 2 ٻارن کي بارکان، ڊيره بگٽي بارڊر جي علائقي مان ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي بازياب ڪرايو ويو.

ليويز ذريعن موجب اغوا ڪيل سمورا 6 ڄڻا هن وقت سرڪار جي حفاظتي تحويل ۾ آهن. سرڪاري اختيارين موجب گران ناز ۽ ان جي ٻارن کي ميڊيا جي سامهون آڻي سمورا تفصيل ٻڌايا ويندا.

ياد رهي ته خان محمد مري جي ٻن پٽن ۽ هڪ نامعلوم عورت جا لاش بلوچستان جي علائقي بارکان جي کوهه مان مليا هئا جنهن کان پوءِ اها دعويٰ ڪئي وئي هئي ته کوهه مان ملندڙ عورت جي لاش گران ناز جي آهي کوهه مان ملندڙ لاشن جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو آهي. پوليس سرجن ڊاڪٽر عائشه فيض موجب کوهه مان ملندڙ لاشن مان هڪ ڇوڪري جي لاش آهي جنهن جي عمر 17 کان 18 سال آهي. مقتوله سان جنسي زيادتي ۽ تشدد ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته ڇوڪري جي مٿي تي 3 گوليون هنيون ويون ۽ سندس سڃاڻپ کي لڪائڻ جي لاءِ چهري ۽ ڳچيءَ تي تيزاب هاريو ويو. پوليس سرجن ٻڌايو ته قتل ڪيل ڇوڪري گران ناز ناهي پر ان جي ڌيءَ ٿي سگهي ٿي.

هوڏانهن بارکان ۾ عورت ۽ ان جي 2 پٽن کي قتل جي الزام ۾ بلوچستان جي صوبائي وزير سردار عبدالرحمان کيتران کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں