اسلام آباد: (خميس: 17 آگسٽ 2023ع) اليڪشن ڪميشن تڪ بندين جي شيڊيول جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ نه ٿيون ٿي سگهن.
اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ نئين مردم شماري جي بنياد تي تڪ بنديون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ نه ٿيون ٿي سگهن، نين تڪ بندين کي 14 ڊسمبر تائين حتمي شڪل ڏني ويندي.
14 ڊسمبر تائين تڪ بنديون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊيول جو اعلان ڪندي.
68