65

ايئرپورٽ پوليس زيور سان ڀريل گم ٿيل ٿيلهو واپس ڪري ڇڏيو، عورت خوش ٿي وئي

ڪراچي: (خميس: 17 آگسٽ 2023ع) ڪراچي ۾ پوليس 40 لک رپين جي ماليت جا گم ٿيل زيور برآمد ڪري عورت مسافر حوالي ڪري ڇڏيا.
ايس ايس پي ملير حسن سردار نيازي موجب هڪ عورت مسافر سائرا مصطفيٰ شيخ 7 آگسٽ تي اسلام آباد کان هڪ اڏام ذريعي ڪراچي پهتي هئي.
هن ٻڌايو ته جڏهن عورت گهر پهتي ۽ سامان چيڪ ڪيو ته ان جو هڪ ٿيلهو موجود نه هو، جيڪو هوءَ ايئرپورٽ پارڪنگ ايريا ۾ ٽرالي تي وساري وئي هئي.
عورت ايئرپورٽ ٿاڻي ۾ رپورٽ داخل ڪرائي ۽ ٻڌايو ته ٿيلهي ۾ 40 لک رپين جي ماليت جي زيور، 40 هزار رپيا روڪ، بئنڪن جا مختلف ڪارڊ ۽ دستاويز موجود هئا.
پوليس موجب ان سلسلي ۾ سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ ايئر لائن جي عملي کان به پڇا ڳاڇا ڪئي وئي پر ڪنهن کي گم ٿيل ٿيلهي بابت علم نه هو.
ايس ايڇ او ايئرپورٽ انسپيڪٽر ڪليم موسيٰ ٻڌايو ته هن ايئرپورٽ پارڪنگ ۾ سي سي ٽي وي فوٽيج جو معائنو ڪيو ته شڪايت داخل ڪندڙ مسافر عورت جي گاڏي سان گڏ هڪ ٻي گاڏي به بيٺل نظر آئي، وڌيڪ جاچ دوران ان گاڏي جي ڊرائيور کي ٿيلهي کڻي ويندي ڏٺو ويو.
پوليس موجب ايڪسائز کاتي ڄاڻايل گاڏي جو رڪارڊ ڪڍيو ته اها هڪ اداري جي ملڪيت هئي، جنهن تي پوليس ڪمپني سان رابطو ڪيو.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته ڪمپني جي سيڪيورٽي عملي گهربل ٿيلهو پوليس حوالي ڪيو، جيڪو ان جي ڊرائيور لاوارث قرار ڏئي ڪمپني جي سيڪيورٽي ڊپارٽمينٽ ۾ جمع ڪرايو هو.
پوليس موجب ٿيلهي ۾ سمورو سامان موجود هو، جيڪو عورت حوالي ڪيو ويو.
ايس ايس پي ملير حسن سردار نيازي سٺو ڪم ڪرڻ تي ايس ايڇ او ايئرپورٽ ڪليم موسيٰ ۽ ان جي ٽيم لاءِ انعامن جو اعلان ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں