71

اداڪاره صوفيه مرزا ۽ سندس ڀيڻ جا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد: (خميس: 17 آگسٽ 2023ع) دبئي جي واپاري خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ واري ڪيس ۾ اسلام آباد جي مقامي عدالت اداڪاره صوفيه مرزا ۽ سندس ڀيڻ مريم مرزا جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

رپورٽ موجب اداڪاره صوفيه مرزا دبئي جي واپاري خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا جنهن تي واپاري اسلام آباد جي مقامي عدالت  ڪيس داخل ڪرايو.

اسلام آباد جي مقامي عدالت اداڪاره صوفيه مرزا ۽  ان جي ڀيڻ مريم مرزا جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. اسلام آباد پوليس چيو آهي ته ٻئي ڀينرون طلب ڪرڻ جي باوجود جاچ ۾ شامل نه ٿيون آهن. صوفيه مرزا ۽ ٽينس رانديگرياڻي مريم مرزا جي گرفتاري جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

پوليس موجب اڳوڻي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر ۽ صوفيه مرزا خلاف ڪيس اسلام آباد ۾ داخل ٿيل آهي. صوفيه مرزا واپاري عمر فاروق جي خلاف ايف آءِ اي ۾ ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں