119

وڳڻ لڳ ڳوٺ جعفراڻي جي رھواسين برسات متاثرن جو مالي سھائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

وڳڻ لڳ ڳوٺ جعفراڻي جي رھواسين برسات متاثرن جو مالي سھائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو
خبر موجب وڳڻ لڳ ڳوٺ جعفراڻي جي رھواسين چونڊيل نمائيندن ۽ سنڌ حڪومت خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن غلام قادر بروهي ، امداد علي ٽوٽاڻي ، ڪپتان ٽوٽاڻي ، رفيق بروهي ، نازل خاصخيلي ، منير ٻرڙو ، ڊاڪٽر حبيب الرحمان ٻرڙو ، اسماعيل ٻرڙو ، شهربان خاتون ، شبير چانڊيو ، الله ڏنو ٻرڙو ۽ٻين چيو ته گذريل سال برساتن ۾ اسان جا جھڳا ڍھي پٽ پئجي ويا ھئا جيڪي ھن وقت تائين ناھيون اڏرائي سگھيا پڻ حڪومت طرفان به اسان کي ھڪ سال گذرڻ باوجود به ڪا مالي سھائتا ناھي ڪئي وئي متاثرن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته وس وارا نوٽيس وٺي اسان جي واھر ڪري مدد ڪن ڊٿل گهرن جي تعمير جي لا۽ وضيفو ڏنو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں