53

پيپلز اسڪول نوشھروفيروز ۾ غريب ۽ اھل شاگردن کي داخلا نه ڏيڻ خلاف شاگردن احتجاج

پيپلز اسڪول نوشھروفيروز ۾ غريب ۽ اھل شاگردن کي داخلا نه ڏيڻ خلاف شاگردن احتجاج ڪيو. شاگردن احتجاجي ريلي ڪڍي ۽ پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي شاگردن زين مھر، سجاد راڄپر، طارق راڄپر ۽ ٻين چيو ته غريب ۽ اھل شاگردن کي پيپلز اسڪول نوشھروفيروز ۾ داخلائون نه ٿيون ڏنيون وڃن ۽ انتظاميه بااثر ماڻهن جي ٻارن جون داخلائون ڪري اھل شاگردن جو حق ماريو آھي. ھنن چيو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن غريب شاگردن لاءِ اھو اسڪول کوليو ھو ته جيئن غريب ۽ اھل شاگرد بھترين تعليم حاصل ڪري سگھڻ پر انتظاميه اسان جا نالا ڪٽي ڇڏيا آھن. ھنن چيو ته پيپلز اسڪول نوشھروفيروز ۾ داخلائون اھليت جي بنياد تي ڪيون وڃن. ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں