51

ميھڙ جي اگھاماڻي ڀرسان ڳوٺ سندو لاکير جي نوجوان صدام لاکير جي اغوا واري واقعي خلاف

ميھڙ جي اگھاماڻي ڀرسان ڳوٺ سندو لاکير جي نوجوان صدام لاکير جي اغوا واري واقعي خلاف سندس وارثن مردن , عورتن , معصوم ٻارڙن سان گڏ گھر واري ڪبري لاکير , ماء آمنه لاکير , معشوق لاکير , منظور علي لاکير , سليم ڇانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميھڙ انڊس ھاء وي اٽڪ پمپ باء پاس تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ پوليس انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا جنھن سبب ڪراچي , حيدرآباد , لاڙڪاڻي طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ان موقعي تي سندس گھر واري ڪبري لاکير ۽ ٻين آزاد پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته 9 سال اڳ منھنجي سھري حاڪم لاکير کي اسان جي مائٽن زمين جي معاملي تان قتل ڪيو ھو 5 ڏينھن اڳ جوابدار اسان ڏي ميڙ کڻي آيا ھئا جن کي اسان جواب ڏنو جنھن بعد ھنن اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ته اسان توھان کي ڏسنداسين ۽ گذريل ڏينھن سومر جي رات 125 سائيڪل سوار 5 ھٿياربندن صدام لاکير کي اغوا ڪري کڻي ويا آھن جنھن جو ڪوبه پتو ناھي ته ھو ڪٿي آھي جڏھن ته ٻن ڪلاڪن جي مسلسل ڌرڻي بعد ايس ايڇ او شاھ پنجو سلطان صغير احمد جھتيال مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون ۽ نوجوان جي بازيابي جي يقين دھاني بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں