47

ڪڪڙ ويجهو ڳوٺ محمد يوسف نائچ ۾ معصوم ٻارڙو راند ڪندي پير ترڪڻ سبب واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت

ڪڪڙ ويجهو ڳوٺ محمد يوسف نائچ ۾ معصوم ٻارڙو راند ڪندي پير ترڪڻ سبب واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت

دبئي هوٽل وٽ پورهيت عبدالوحيد نائچ جو معصوم 18 مهينن جو پُٽَ انصاف نائچ گهر ٻاهران راند ڪري رهيو هو ته اوچتو پير ترڪڻ سبب واٽر ڪورس ۾ ڪري پيو

معصوم ٻارڙي جي پير ترڪڻ سبب راند ڪندڙ ٻين معصوم ٻارڙن جي ڌانهن سبب وارثن پهچي معصوم نينگر کي پاڻي مان ٻاهر ڪڍي مقامي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽر معصوم ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي

: ڳوٺ يوسف نائچ ۾ افسوس ناڪ واقعو پيش اچڻ سبب سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو ، معصوم ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ، امڙ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں