56

جوهي: سائيڊ ڇو نه ڏني بااثر وڏيرو ڪاڇي واسي نوجوان تي مڇرجي نوجوان کي مبينا تشدد جو نشانو بڻايو

جوهي: سائيڊ ڇو نه ڏني بااثر وڏيرو ڪاڇي واسي نوجوان تي مڇرجي نوجوان کي مبينا تشدد جو نشانو بڻايو نوجوان پاران جوهي پهچي معصوم ٻارن عورتن سميت بااثر وڏيري خلاف احتجاج ان ڏس ۾ ڪاڇي جي ڳوٺ گزياڻي لنڊ واسي نوجوان عبدالحميد لنڊ سندس امڙ مسمات روبينا لنڊ, گهر واري صائمه لنڊ ۽ ٻين مخدوم بلاول پارڪ اڳيان احتجاج ڪندي ان موقعي تي نوجوان عبدالحميد لنڊ صحافين سان دانهيندي الزام هنيو ته هو جوهي حاجي خان روڊ سان موٽر سائيڪل تي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته اڳيان ٽريڪٽر اچڻ ڪري سائيڊ نه ڏيڻ تي وڏيرو احمد خان لغاري مڇرجي پيو سائيڊ ڇو ڏني هٿ پير ٻڌي ڪپڙا ڦاڙي تشدد جو نشانو بڻائي زبردستي کنڀي اچي حاجي خان پوليس پوسٽ اهلڪارن جي حوالي ڪري ڇڏيو هن چيو مونکي خبر ناهي وڏيرو سندس پويان اچي ٿو مان رستي سان ڳوٺ وڃي رهيو هئس بنا جواز پڪڙي مون مسڪين کي تشدد جو نشانو بڻايو هن آء جي سنڌ ايس ايس پي دادو سميت لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته بااثر وڏيري خلاف ڪاروائي ڪري سندس سان انصاف ڪيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں