144

توشه خانه ڪيس، پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطل، آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ٻڌايل سزا معطل ڪري ڇڏي آهي، عمران خان کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

 چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري تي ٻڌل 2 رڪني بينچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي

 عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطل ڪرڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي، چيف جسٽس عامر فاروق مختصر فيصلو ٻڌايو، تفصيلي فيصلو بعد ۾ ٻڌايو ويندو

ٽرائل ڪورٽ 5 آگسٽ تي توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي

 ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو اچڻ کان فورن پوءِ پنجاب پوليس زمان پارڪ لاهور مان پي ٽي آءِ چيئرمين کي گرفتار ڪيو هو، پي ٽي آءِ چيئرمين هن وقت اٽڪ جيل ۾ قيد آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں