51

سنڌ ۾ ٻوڏ جي نالي تي ڪوڙن بلن ذريعي قومي ناڻي کي اربين روپيه نقصان پهچائڻ جو انڪشاف

ڪراچي: سنڌ ۾ ٻوڏ جي نالي تي ڪوڙن بلن ذريعي قومي ناڻي کي اربين روپين جو نقصان پهچائڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي.

آر بي او ڊي جي تعمير ۾ ڪرپشن جي جاچ اينٽي ڪرپشن کان نيب جي حوالي ڪئي وئي هئي هن پروجيڪٽ جي تعمير ۾ 3 ارب 52 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن کان پوءِ نيب حيدرآباد جي احتساب عدالت ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ڪانٽريڪٽر سميت 41 جوابدارن تي ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

نيب موجب  جوابدارن ڪوڙا بلز ٺاهي قومي ناڻي کي نقصان پهچايو. ريفرنس ۾ سرڪاري آفيسر، سندن گهر ڀاتي ۽ فرنٽ مين به نامزد آهن.

ريفرنس موجب ڪانٽريڪٽر فهيم سومرو کي بنا ڪنهن ڪم جي غيرقانوني ادائيگيون ڪيون ويون پروجيڪٽ ڊائريڪٽر منور بزدار  ڪوڙا بل پاس ڪرائي رقم وصول ڪئي جڏهن ته سپرنٽينڊنٽ انجنيئر وقار احمد به اختيارن جو غلط استعمال ڪيو.

ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته 10 ڪانٽريڪٽرن کان بنا ڪنهن ڪم جي ادائيگي ڪري ڪميشن حاصل ڪئي وئي. جڏهن ته جوابدار فهيم سومرو پلي بارگين ڪري 46 لک روپيه قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں