55

سرھاڙي مقصودو رند ويجھو نوابشاھ شھدادپور روڊ تي سلطان فقير اسٽاپ وٽ پٿرن سان ڀريل تيز رفتار ٽرڪ ڪيبن مٿان ڪلٽي ٿي ڪري پئي ھڪ ڄڻو فوت

سرھاڙي مقصودو رند ويجھو ڀٿرن سان ڀريل ٽرڪ ڪيبن مٿان ڪلٽي ٿي پئي ڪيبن ھلائيندڙ 17 سالہ نوجوان محمد مٺل رند دٻجي ويو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ماڻھو ٽرڪ کي ڪلٽي ڏسندي ئي وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي ويا ۽ ڪرين مشينن جي مدد سان نوجوان کي ٻن ڪلاڪن بعد پٿرن جي ملبي ھيٺيان زخمي حالت ۾ ڪڍيو ويو نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي نوجوان زخمن جا سور نـ سھندي فوت ٿي ويو جڏھن ته اکين ڏٺن شاهدن موجب ٻہ ٽرڪون تيز رفتاري سان اچي رھيون ھيون ته ھڪ ٽرڪ ڪلٽي ٿي پئي ھوڏانھن ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں