53

لاڙڪاڻو ڀرسان زهريلي لسي واپرائڻ سبب 2 ڀينرون فوت

لاڙڪاڻو ڀرسان ميروخان ۾ زهريلي لسي واپرائڻ سبب ٻه ڀينرون فوت ٿي ويون آهن جڏهن ته هڪ ٻار سميت 6 ڄڻا بيهوش ٿي ويا.

لاڙڪاڻو ڀرسان ميروخان ۾ زهريلي لسي واپرائڻ سبب ٻه ڀينرون فوت ٿي ويون آهن جڏهن ته هڪ ٻار سميت 6 ڄڻا بيهوش ٿي ويا.

ميروخان ويجهو ڳوٺ حاجي غوث بخش بروهي ۾ مبينا طور زهريلي لسي واپرائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 8 ڀاتي بيهوش ٿي ويا جن مان  16 ورهين جي بلقيس ۽ 13 ورهين جي سيما فوت ٿي ويون آهن. جڏهن ته 10 ورهين جي مومنه، 35 ورهين جي روبينه خاتون، 50 ورهين جي جنت خاتون، حفيظ، زوھيب ۽ معصوم ٻار غوث بخش بروهي بيهوش ٿي پيا جن کي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو جتي ٻن عورتن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ان موقعي تي فوتي عورتن جي وارث نصير بروهي ٻڌايو ته اڄ صبح جو اسان جي گهر ۾ لسي پئي هئي جيڪا عام طور تي واپرائي جنهن سبب منهنجون ٻه ڌيئرون فوت ۽ 6 گهر ڀاتي بيهوش ٿي پيا جن کي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي عورتن جا لاش وارث ڳوٺ ڏانهن کڻائي ويا آهن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں