58

ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ بدامني، اغوا ٿيل مکي جڳديش ڪمار، جئديپ ڪمار، ساگر ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ جي بازيابي لاءِ ھندو پنچائتن ضلعي جي گڏجاڻي ٿي

ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ بدامني، اغوا ٿيل مکي جڳديش ڪمار، جئديپ ڪمار، ساگر ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ جي بازيابي لاءِ ھندو پنچائتن ضلعي جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، بخشاپور، بڊاڻي، غوثپور، ڪرمپور جي ھندو پنچائتي اڳواڻن شرڪت ڪئي جنهن بعد پريس ڪلب آڏو بدامني ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاج پڻ ڪيو ۽ پرھجوم پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻ مکي ڊاڪٽر سريش ڪمار تلريجا، ڊاڪٽر میھر چند، چوڌري نريش ڪمار چيو ته اڄ خميس ڏينهن کان ٽوڪن ھڙتال ڪري جمعي ڏينهن کان ضلعي اندر ھندو پنچائتن پاران ضلعي جي اندر سمورن شھرن ۾ شٽربند ھڙتال ڪئي ويندي ھڙتال جو سلسلو مغوين جي بازيابي تائين جاري رھندو حڪمرانن جو فرض آهي ته امن ڏين امن نه ھجڻ ڪري ڪاروبار تباھہ معشيت ختم ٿي رھي آهي روز دوڪانن مان ڦرون، عورتون کان ڦرلٽ ٿيڻ سبب اسان جا چھرا جيڪي ھميشا مسڪرائيندا ھئا ھاڻي مايوس آهن اڍائي مھينا ٿي ويا مکي جڳديش ڪمار، جئديپ ڪمار کي ٿي ويا آهن مکي جون تشدد جون ويڊيو وائرل ڪري اسان کي ايندڙ نسلن کي ذھني ٽارگيٽ ڪري سنڌ مان نقل مڪاني ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي اسين محب وطن آيون اسان ڪاروباري طبقو آيون پر رياستي ادارا، حڪومت اسان کي تحفظ نه ڏیئي سگهي آهي ۽ ھٿان جا سردار جن کي اسين ووٽ ڏيون ٿا پر سردار به خاموش آهن اھي صرف ووٽ لاءِ اسان وٺ لنگھي اچن ٿا پر ڪو به انھي وقت ڏک ۾ مدد نه ڪئي آهي اسان ھاڻي پنهنجي تحفظ لاءِ احتجاج جو رستو اختيار ڪيو آهي جيڪو سنڌ تائين به وڌايو ويندو جيڪڏھن مغوي بازياب نه ٿيندا پوليس مان اسان کان ڪا به اميد نه آهي جيڪي امن قائم ڪرائي تحفظ فراھم ڪندي جنهن ڪري اسين مطالبو ڪيون ٿا ته ضلعي اندر آرمي آپريشن ڪري امن امان قائم ڪرايو وڃي بڊاڻي مول چند، بخشاپور اميت ڪمار، گيان چند، ڪرمپور مکي نانڪ رام، ڪشمور مکي اندر لال، غوثپور مان نارائڻ ناز ڪنڌڪوٽ مان ڊاڪٽر تلسي داس، گھنشام داس گيھاڻي، ھريش ڪمار، جئرام داس، گھنشام داس، بخشو مل سميت ٻيا ھندو اڳواڻ پڻ موجود ھئ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں