58

ميھڙ ۾ باء پاس تي بخاري ھوٽل کان انڊس هاءِ وي تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون رات زوردار ٽڪر ٿي پيو

ميھڙ ۾ باء پاس تي بخاري ھوٽل کان انڊس هاءِ وي تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون رات زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن ۾ ھڪ شاگرد مدينا ڪالوني جو رهواسي 18 سالا فرحان ٻلھڙو پٽ ممتاز علي ٻلهڙو فوت ٿي ويو ۔ جڏھن ته 3 نوجوان سعيد کوسو ، سرفراز ڪلھوڙو ۽ علي رضا کوسو سخت زخمي ٿي پيا جن کي ميھڙ بعد لاڙڪاڻي نيو ويو. فوتي نوجوان جو لاش مدينا ڪالوني ۾ آندو ويو جتي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. نوجوان جو تڏو مدينا ڪالوني ميهڙ ۾ وڇايو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان ون ويلنگ ڪرڻ سبب دوران حادثو پيش آيو. فوتي نوجوان جو والد ممتاز ٻلهڙو سعودي عرب ۾ ڪم ڪندو آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں